اسٽيبلشمينٽ پاران نون صوبن جو ڊپ ڏئي اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ جو پلان

لاهور( عمران شفقت) پارليامينٽ ۽ ڪابينا جيڪو قانون پاس ڪيو، قومي اسيمبلي ۽ سينٽ جو 111 نڪاتي ايجنڊا هو، ان ۾ جيڪي ترميمون منظور ٿيون اهي ڪلهه تائين ڪجهه ماڻهن کان سوا ڪنهن جي وهم گمان ۾ به نه هيون. ڪالهه بلاول ڀٽو چيو هو ته آئون هر قسم جي حمايت واپس وٺان ٿو، پوءِ محسن نقوي ملاقاتون ڪيون.معاملو اهو هو ته فورسز ڊفينس ائڪٽ 2026 ۽ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ائڪٽ 2010 ۾ ترميم ڪرڻي هئي. هاڻي ان کي ان سان جوڙيو پيو وڃي ته جيڪڏهن ترميم منظور ٿي وئي ته پوءِ عمران خان جي نظرثاني واري درخواست ٻيهر ڪئي ويندي. اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته عوامي نمائندن (پارليامينٽرينز) کي حڪومتون يا ادارا اونداهيءَ ۾ ڇو ٿا رکن؟ ان تي بحث ٿيڻ گهرجي.اسلام آباد ۾ هڪ جنرل بحث دوران قانون سازيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري ملازمن (وزارتِ قانون ۽ پارليامينٽ جي اسٽاف) جو حوالو ڏئي چيو ويو ته جڏهن نون ليگ ۽ حڪومتي ماڻهن کي چئبو آهي ته فلاڻو قانون ٺاهيون، ته هو چوندا آهن ته حڪم آڻيو بس پاس ڪريون. جڏهن ته پيپلز پارٽي يا ٻيا انفرادي ميمبر هجن ته اهي سؤ سوال پڇندا آهن ۽ فيڊبئڪ ڏيندا آهن. سرڪاري مشينريءَ کي سوال پڇڻ وارا ماڻهو پسند ناهن ايندا. هي قانون سازيءَ جو نئون ڪلچر پاڪستان ۾ پاڙ پڪڙي چڪو آهي، جيڪو هائبرڊ سسٽم جي پيداوار آهي (عمران خان جي دور ۾ به ائين ٿيندو هو ۽ شهباز شريف جي دور ۾ به ائين ئي ٿي رهيو آهي). ان جو عمران خان سان سڌوسنئون تعلق جوڙڻ درست ناهي.چوڻ وارا چون ٿا ته صوبا ٺاهڻ مقصد ئي نه هو. اسٽيبلشمينٽ جو پلان اي،بي ،سي هوندو آهي. مقصد اهو هو ته پاڪستان اندر سياسي ڪلچر کي تبديل ڪيو وڃي، سياسي اجاره دارين مان جان آزاد ڪرائي وڃي ۽ هيٺئين سطح  تان سياسي قيادت آڻڻ جو ميڪانيزم ٺاهيو وڃي.ان لاءِ مقامي حڪومتن جو سسٽم آڻڻ جو سوچيو ويو (جيڪو پرويز مشرف جي دور ۾ جنرل نقوي ٺاهيو هو). ان رٿا تي عملدرآمد  ڪيو وڃي ته ننڍن صوبن بدران به مقصد پورا ٿي سگهن ٿا. ان ڪري "موت ڏيکاري” کين راضي ڪيو ويو ته خودمختيار مقامي حڪومتون ۽ انتظامي يونٽس ٺاهيا وڃن ۽ 18هين ترميم ۾ هلڪي ڦلڪي تبديلي ڪري مرڪز کي وڌيڪ پئسا ۽ اختيار ڏنا وڃن عمران خان بابت خبرون آهن ته  سرڪاري جائزي ۽ ميڊيڪل بورڊ جي ميڊيڪل چيڪ اپ کان پوءِ ڪو وچ وارو رستو ڪڍيو ويندو، خان جو معائنو ڪرائي کيس واپس جيل منتقل ڪيو ويندو.هي سڀ اشارا ڏين ٿا ته معاملا وڏي حد تائين طئي ٿي چڪا آهن.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز ۾ جمعو، 21 آگسٽ  2026ع تي شايع ٿيو

You might also like