اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملڪ ۾ وڌيڪ انتظامي يونٽ يا صوبا ٺاهڻ جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن نوجوان يا ڪاڪروچ گڏ ٿين ٿا ته هر شيءِ کي ختم ڪري سگهجي ٿو، تنهن ڪري انهن جي خواهشن کي ظاهر ڪرڻ کان اڳ پورو ڪريو ۽ نظام کي درست ڪريو. گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پهرين اڪنامڪ سمٽ کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جو موجوده نظام نه ٿو هلي، هڪ اهڙي شيءِ جنهن کي 70 سالن کان گهيلو پيو وڃي، سمجهڻو پوندو ته جيڪڏهن ڪا شيءِ 70 سالن کان نه ٿي هلي سگهي ته ان جي پويان ڪو نه ڪو بنيادي سبب موجود آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اهو ئي نظام هلندو رهيو ته اسين 10 سالن کان پوءِ به ويهي اهي ئي ڳالهيون ڪندا رهنداسين، ڇو ته جيستائين هن ملڪ جي بنياد کي درست نه ڪيو ويندو، حالتون اهڙيون ئي رهنديون. هن واضح ڪيو ته جنهن سسٽم ۾ اسين رهي رهيا آهيون اهو مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي ۽ اهو نظام ناڪارا ٿي چڪو آهي، تنهنڪري جيستائين ان کي ”ري سيٽ“ نه ڪيو ويندو، بهتري ممڪن ناهي. سندس چوڻ هو ته هو جمهوريت جا سڀ کان وڏا حامي آهن ۽ رهندا، پر جمهوريت جي اندر پنج کان ڇهه مختلف قسمن جا نظام موجود آهن، پر اسين هڪ ئي طريقي تي اٽڪيل آهيون ۽ هر حال ۾ ان کي ئي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا، جڏهن ته هاڻوڪو نظام تباهه ٿي چڪو آهي. گهرو وزير چيو ته اسان کي اڳتي وڌڻو آهي، پاڪستان کي الله عزت ڏني آهي ۽ فيلڊ مارشل ڏينهن رات جاڳي ملڪ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف 12 کان 14 ڪلاڪ ڪم ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن هو 18 ڪلاڪ به ڪم ڪري ته هو رڳو ”فائر فائٽنگ“ ئي ڪندو. هن چيو ته هتي چيمبرز آف ڪامرس جا نمائندا موجود آهن ۽ جيڪي ماڻهو هتي ويٺا آهن اهي سياسي نظام جو حصو آهن، جيڪي چونڊن کان اڳ پنهنجي من پسند سياستدانن کي فنڊنگ ڪن ٿا، هن سوال اٿاريو ته بزنس مين پاڻ سياست ۾ ڇو نه ٿا اچن، اوهان فنڊنگ ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهيو پر سياست ۾ اچڻ کي خراب سمجهندا آهيو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اوهان پنهنجي لاءِ پاڻ بيهو. محسن نقوي چيو ته هن نظام ۾ هر شيءِ خراب ناهي، پر اسان عوام کي وقت سر انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام آهيون، نيون عدالتون ٺهڻ باوجود عام ماڻهو اڄ به انصاف جو طلبگار آهي. هن چيو ته نوجوانن کي ڪجهه هزار ٽيبلٽس يا وظيفو ڏيڻ سان نظام درست نه ٿو ٿي سگهي، نوجوان رڳو اهو چاهين ٿا ته نظام ٺيڪ ڪيو وڃي، کين انصاف ملي، ميرٽ قائم ٿئي ۽ جائز طريقي سان روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، پر اسان نوجوانن لاءِ اهو سڀ ڪجهه نه ٿا ڪريون ۽ انهن جي آواز ٻڌڻ اسان سڀني جو فرض آهي، هن چيو ته ڀلي انهن کي نوجوان چيو وڃي يا ڪاڪرچ، هو واضح ڪرڻ چاهين ٿا ته جيڪڏهن اهي گڏ ٿي ويا ته هر شيءِ کي اونڌو ڪري سگهن ٿا.هن وڌيڪ چيو ته ڀلي انهن کي ايڊمنسٽريٽو يونٽس چيو وڃي يا صوبا، اسان کي انهي طرف وڃڻو پوندو ڇو ته جيستائين سڀ گڏ ويهي فيصلا نه ڪندا، ملڪ اهڙي طرح هلندو رهندو، نون انتظامي يونٽن يا صوبن جو معاملو عوام وٽ کڻي وڃڻو پوندو. هن مثال ڏيندي چيو ته ڪو به گهر اهڙو ناهي جيڪو مهيني جي شروعات تي لکين رپين جو مقروض هجي ۽ اهڙي طرح هلايو وڃي، پر اسان پنهنجو بجيٽ ناڪاري بنيادن تي ٺاهيون ٿا ۽ هر سال وڌيڪ قرض وٺون ٿا جڏهن ته نظام کي درست نه ٿا ڪريون، جنهن سبب قرضن ۾ لڳاتار واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته جيستائين سسٽم کي ري سيٽ نه ڪيو ويندو، بهتري نه ايندي ۽ اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻو پوندو، هن زور ڏنو ته سڀني سياسي جماعتن کي هڪ ڪمري ۾ ويهي هر مسئلي تي سنجيده ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي، ڇو ته ڀلي ڪيترا به سيمينار ڪيا وڃن، حالتون بهتر نه ٿينديون. انکانپوءِ ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته فيلڊ مارشل جا آمريڪا سان لاڳاپا ڀلي ڪيترا به بهتر ٿي وڃن، جيڪڏهن اسان جو نظام درست نه هوندو ته ڪو فائدو نه ٿيندو، هن چيو ته فيلڊ مارشل بار بار چئي چڪو آهي ته جمهوريت کي ڊي ريل ٿيڻ نه ڏيندو. سندس چوڻ هو ته نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ سڀني سياسي پارٽين کي گڏ ٿيڻ ضروري آهي، رڳو مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي نه پر سندس ذاتي راءِ ۾ پي ٽي آءِ کي به هن عمل ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، ڇو ته نظام جي بهتري کانسواءِ هاڻي گذارو ممڪن ناهي ۽ هن وقت هر سياسي پارٽي رڳو پنهنجن مفادن بابت سوچي رهي آهي.ڪجهه سوالن جا جواب ڏيندي محسن نقوي چيو ته حڪومت پنهنجو مدو هر ممڪن طريقي سان پوري ڪندي، هو صدارتي نظام جي ڳالهه نه پيا ڪن، ڪشمير جي معاملي کي اتي جي حڪومت ڏسي رهي آهي ۽ هن جو ان ۾ ڪو عمل دخل ناهيهن واضح ڪيو ته هو وفاقي گهرو وزير ئي رهندو ۽ پرڏيهي وزير نه پيو بڻجي، هن بيوروڪريسي تي تنقيد ڪندي چيو ته وزيراعظم آفيس ۾ هڪ فائيل به وقت تي مڪمل نه ٿي سگهي ٿي ۽ هڪ فائيل کي چار کان پنج مرحلن ۾ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، تنهنڪري اختيارن کي هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ هاڻي اڻٽر ٿي چڪو آهي. ڀارت ۾ 14 صوبا هئا جڏهن اهو ٺهيو، اڄ 29 آهن! انڊونيشيا ۾ منهنجي خيال ۾ 38 صوبا آهن. انهن کي جيڪو مرضي نالو ڏئي ڇڏيو، مان چوان ٿو سياستدان جئين چاهين تئين ڪري ڇڏين. ان لاءِ اوهان ماڻهن کي گڏ ٿيڻو پوندو. بزنس مين گڏ ٿيا، اوهان جي PIA ٻاهر وڃي رهي هئي، ڪنهن ٻاهر جي ڪمپنيءَ خريدڻي هئي، اوهان سڀ گڏ ٿيا، اوهان خريد ڪري ورتي ۽ ان کي اڄ هڪ صحيح ٽريڪ تي وٺي وڃي رهيا آهيو. منهنجو هي وڏو يقين آهي ته انشاءَ الله 3 سالن کانپوءِ PIA جتي بيٺل هوندي اسان تصور به نٿا ڪري سگهون.