ڪراچي/ اسلام آباد (پ ر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) 2024ع ۾ خيراتي مينڊيٽ ۽ ڌانڌلي ذريعي پنجاب ۾ حڪومت ۾ آئي. پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ ۽ جمهوري نظام جي تسلسل لاءِ بيٺل رهي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو پهرين ڏينهن کان اهو مؤقف آهي ته مسلم ليگ (ن) وٽ عوامي مينڊيٽ ناهي. پاڪستان جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو ته مسلم ليگ (ن) جعلي طريقي سان حڪومت ۾ آئي ۽ هاڻي ساڳئي نموني ڪشمير ۾ به حڪومت ٺاهڻ چاهي ٿي.اسلام آباد ۾ پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي ڪنهن به صورت ۾ زيادتي برداشت نه ڪندي ۽ عوام جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي. هن مطالبو ڪيو ته جن تڪن ۾ ڌانڌلي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، اتي ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن، خاص طور چوڌري ياسين جي تڪ ۾ ٻيهر چونڊ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) کي عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏنو ويندو ۽ پيپلز پارٽي پنهنجو مينڊيٽ چوري ٿيڻ نه ڏيندي، بلڪه ان لاءِ هر قانوني رستو اختيار ڪندي.هن چيو ته خواجه سعد رفيق شهيدن خلاف ڳالهايو، جڏهن ته خواجا آصف ڪشميرين جي توهين ۽ تذليل ڪئي. هن چيو ته نواز شريف به چور دروازي سان اقتدار ۾ آيو هو ۽ مريم نواز به چور دروازي سان آئي آهي. هن چيو ته اهي ماڻهو رينٽل ايگريمينٽ تي اقتدار ۾ ويٺل آهن، عوامي مينڊيٽ تي نه.هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب جو مقابلو ڪيو ويندو آهي، پر مان چوان ٿو ته سنڌ به اسان جي آهي ۽ پنجاب به اسان جو آهي. هن چيو ته سنڌ مان پنجابي، اردو، بلوچي ۽ پشتو ڳالهائيندڙ به چونڊجي اسيمبلين ۾ اچن ٿا. هن چيو ته سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ جيڪو ڪم ٿيو آهي، اهڙو سڄي پاڪستان ۾ ناهي ٿيو. اسان سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائل نٿا ڏسون، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪم نه ٿيو آهي ته پوءِ سڄي پاڪستان مان ماڻهو روزگار ۽ علاج لاءِ ڪراچي ڇو اچن ٿا؟ هن چيو ته اوهان خيراتي مينڊيٽ سان پنجاب ۾ ويٺا آهيو، جڏهن ته سنڌ مان اوهان کي هڪ به سيٽ نه ملي.هن چيو ته هڪ صحافي خرم اقبال مريم نواز جي سلپ آف ٽنگ بابت ٽوئيٽ ڪئي ته کيس گم ڪرايو ويو. برسات جي تباهي بابت هڪ خبر به هلائڻ نه ڏني ويندي آهي ۽ اشتهار بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون.هن چيو ته گلگت ۾ به اسان کي کٽيل سيٽن کان گهٽ سيٽون مليون، جڏهن ته ڪشمير ۾ به ڌانڌلي ڪئي وئي آهي ۽ ان جا ثبوت موجود آهن. هن چيو ته ان جي باوجود پيپلز پارٽي ڪشمير جي چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪندي، ميدان نه ڇڏيندي ۽ پنهنجي حق لاءِ هر قانوني رستو اختيار ڪندي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ۾ هڪ ئي سمجهدار شخص وزيراعظم شهباز شريف آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ حڪمراني ڪندڙ پاڻ وزيراعظم خلاف سازشون ڪن ٿا. هوڏانهن هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قيامت ته 2024ع ۾ اچي وئي هئي جڏهن خيرات ۾ مينڊيٽ ورهايا پئي ويا،اصل مينڊيٽ ڪنهن ٻي پارٽي جو هو،پر ن ليگ چور دروازي سان اقتدار ۾ آئي.