اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي آڊيٽر جنرل جي پگهار ۽ مراعتن بابت رڪارڊ سامهون اچي ويو آهي.
رڪارڊ موجب آڊيٽر جنرل کي ساليانو 97 لک 68 هزار 240 رپيا پگهار ادا ڪئي ويندي آهي.
رڪارڊ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان جي آڊيٽر جنرل جي ماهوار بنيادي پگهار 7 لک 72 هزار 780 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
هن وقت پاڪستان جو آڊيٽر جنرل مقبول احمد گوندل آهي.