واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين تي 2020ع جي آمريڪي صدارتي چونڊن بابت ڊيٽا جي سڀ کان وڏي چوري جو الزام لڳائيندي دعويٰ ڪئي آهي ته چين آمريڪي ووٽرن جا 22 ڪروڙ فائل حاصل ڪيا ۽ لڳاتار آمريڪي چونڊن ۾ مداخلت ۽ چونڊ ڊيٽا هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي.
آمريڪي قوم کي خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته چين چاهيو ٿي ته هو 2020ع جي صدارتي چونڊ هارائي وڃي، تنهن ڪري چين آمريڪي عوام ۾ سندس خلاف ناڪاري تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن دعويٰ ڪئي ته حاصل ڪيل ڄاڻ ۾ ووٽرن جا نالا، فون نمبر، سياسي وابستگيون ۽ ٻيو حساس ڊيٽا شامل هو، جيڪو ووٽر رجسٽريشن ۽ ٻين غيرقانوني سرگرمين لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو.
ٽرمپ چيو ته اڄ جاري ڪيل سرڪاري دستاويزن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪجهه سرڪاري ادارن چين جي 2020ع جي صدارتي چونڊن کي ڪمزور ڪرڻ جي مبينا ڪوششن بابت ڄاڻ کي ڄاڻي واڻي لڪائڻ ۽ گهٽ اهميت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن الزام لڳايو ته انٽيليجنس برادري جي ڪجهه ميمبرن اهو معاملو صدر ۽ آمريڪي عوام کان به لڪايو، جنهن جو ڪنهن تصور به نه ڪيو هو.
ٽرمپ موجب هن انصاف واري وزارت، ايف بي آءِ ۽ سي آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي ته مبينا پردي پوشي جي ذميوار ماڻهن خلاف جاچ ڪري سندن خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪيا وڃن.
آمريڪي صدر وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته چين آمريڪي صحافين کي سندس خلاف وڌيڪ منفي مواد تيار ڪرڻ لاءِ رقم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس چوڻ هو ته چيني حڪومت اهڙن آمريڪي صحافين جي سڃاڻپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن سندس خلاف منفي رپورٽون ڪيون هيون، ۽ کين وڏي رقم ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي ته جيئن هو وڌيڪ منفي مضمون لکن.
ٽرمپ چيو ته آمريڪي چونڊي نظام ڪمزور آهي ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن ۽ بيلٽ ڳڻپ واري نظام کي هيڪ ڪري سگهجي ٿو. هن هڪ مبينا انٽيليجنس جائزي جو حوالو ڏيندي چيو ته آمريڪا جا مخالف، جن ۾ روس، چين، ايران، اتر ڪوريا ۽ ڪجهه غير رياستي گروهه شامل آهن، آمريڪي چونڊ ڍانچي کي نقصان پهچائڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
ايران بابت ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته هن آمريڪي فوج کي ٻيهر مضبوط بڻايو ۽ دنيا جي سڀ کان طاقتور فوج ۾ تبديل ڪيو. هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪا ايران ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪري رهيو آهي ۽ ان جا نتيجا جلد سامهون ايندا.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آمريڪا وينزويلا ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جيڪو هاڻي آمريڪا سان گڏجي لکين بيرل تيل پيدا ڪري رهيو آهي. هن 3 جنوري تي ڏکڻ آمريڪي ملڪ تي ڪيل حملي جو حوالو ڏيندي چيو ته جيئن وينزويلا ۾ ڪاميابي ملي، تيئن ايران ۾ به آمريڪا وڏي ڪاميابي حاصل ڪري رهيو آهي ۽ ان جا نتيجا جلد ڏسڻ ۾ ايندا.