9 هزار هنڌن تان چوريون؟ پي ٽي اَي چيئرمين جو وڏو انڪشاف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين انڪشاف ڪيو آهي ته اداري جي 9 هزار سائيٽن تي چوري جون وارداتون ٿيون آهن.

پي ٽي اي چيئرمين موجب حڪومت کين هدايت ڪندي آهي ته شهرين کي سندن رقم واپس ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن شهري پيڪيج ورتو هجي پر خدمتون بند هجڻ سبب اهو استعمال نه ڪري سگهيو هجي ته ان کي رقم واپس ڪرڻي پوندي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي اي خراب معيار واري سروس فراهم ڪرڻ تي ٽيلي ڪام ڪمپنين تي 4 ارب رپين جا ڏنڊ لاڳو ڪري چڪي آهي. هن واضح ڪيو ته موبائل فون تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۾ پي ٽي اي جو ڪو به ڪردار ناهي، ڇو ته موبائل تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ وفاقي بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي اختيار هيٺ اچي ٿو.

You might also like