کوٽ جون خبرون رد، ملڪ ۾ پيٽروليم شين جا ذخيرا ججهي مقدار ۾ آهن: اين سي ايم سي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)نيشنل ڪوآرڊينيشن اينڊ مينيجمينٽ ڪائونسل (اين سي ايم سي) ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي کوٽ بابت هلندڙ خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

نيشنل ڪوآرڊينيشن اينڊ مينيجمينٽ ڪائونسل جي اجلاس ۾ ملڪ اندر پيٽروليم شين جي دستيابي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جا ذخيرا ججهي مقدار موجود آهن ۽ طلب پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي اسٽاڪ موجود آهي.

اين سي ايم سي اوگرا ۽ صوبائي حڪومتن کي پيٽروليم شين جي ذخيرا اندوزي خلاف اثرائتا قدم کڻڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي.

You might also like