واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو آهي ته ايران جو آبناءِ هرمز تي ڪو ڪنٽرول ناهي ۽ واپاري جهازن جي اچ وڃ معمول موجب جاري آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته آبناءِ هرمز قانوني طور گذرندڙ سڀني جهازن لاءِ کليل آهي ۽ آمريڪي فوج سامونڊي اچ وڃ کي يقيني بڻائڻ لاءِ تيار آهي.
سينٽرل ڪمانڊ موجب ايران جي ڌمڪين ۽ جارحاڻن بيانن جي باوجود جهازن جي عالمي اچ وڃ کي محفوظ رکڻ لاءِ آمريڪي فوج موجود آهي.