تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني نيشنل سيڪيورٽي ۽ پرڏيهي پاليسي ڪميشن جي ترجمان ابراهيم رضائي دعويٰ ڪئي آهي ته ايران طاقت جي زور تي آبناءِ هرمز جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي.
هن چيو ته ساڳي طاقت سان آبناءِ هرمز تي پنهنجو ڪنٽرول برقرار رکيو ويندو. اهو بيان پاسداران انقلاب طرفان آبناءِ هرمز کي ايندڙ حڪم تائين مڪمل طور بند ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ سامهون آيو.