ايف آءِ اي جو ڇاپو، انساني عضوا کپائيندڙ ڏيهي ۽ پرڏيهي 5 جوابدار گرفتار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ايف آءِ اي ۽ پي هوٽا جي ٽيم سيڪٽر ايف-7 ۾ ڇاپو هڻي انساني عضون جي خريد ۽ وڪري جي الزام ۾ پرڏيهي شهرين سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايف آءِ اي موجب ڇاپي دوران وڏي مقدار ۾ انساني پليسينٽا (نال) هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته تازو، خشڪ ۽ پروسيس ٿيل پليسينٽا جو ذخيرو به قبضي ۾ ورتو ويو آهي.

ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته جوابدار اسپتالن مان انساني پليسينٽا حاصل ڪرڻ ۾ ملوث هئا. پليسينٽا پشاور، راولپنڊي ۽ لاهور جي اسپتالن مان گڏ ڪئي ويندي هئي، جڏهن ته جوابدار ان کي رڍن جي عضون طور ظاهر ڪري پرڏيهي ملڪن ڏانهن موڪليندا هئا.

ايف آءِ اي ٻڌايو ته شروعاتي جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته جوابدار پليسينٽا ويٽنام ڏانهن برآمد ڪندا هئا. پروسيس ٿيل پليسينٽا دوائن جي تياري ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته جوابدارن مقامي سهولتڪارن جي مدد سان هڪ نيٽ ورڪ قائم ڪري رکيو هو.

ايف آءِ اي موجب هٿ آيل نمونا طبي جاچ لاءِ پمز اسپتال موڪليا ويا آهن، جڏهن ته ان سلسلي ۾ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like