پاڪستان ۽ ترڪيا وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٽن مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ ترڪيه توانائي جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٽن مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحون ڪيون آهن.

پاور ڊويزن جي پڌرائي موجب استنبول ۾ ٿيل اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس دوران ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل ادارن توانائي جي شعبي ۾ ادارياتي سهڪار، فني تعاون ۽ ڄاڻ جي ڏي وٺ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ معاهدن تي صحيحون ڪيون.

پڌرائي موجب پاڪستان جي انڊيپنڊنٽ سسٽم اينڊ مارڪيٽ آپريٽر (آءِ ايس ايم او) ۽ ترڪيه جي انرجي مارڪيٽ آپريٽر وچ ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون.

ان کانسواءِ ترڪيه جي بجلي ٽرانسميشن ڪارپوريشن ۽ پاڪستان جي انڊيپنڊنٽ سسٽم اينڊ مارڪيٽ آپريٽر وچ ۾ به سهڪار جو معاهدو طئي ٿيو.

ساڳيءَ ريت پاڪستان جي پاور پلاننگ اينڊ مانيٽرنگ ڪمپني ۽ ترڪيه جي بجلي ورڇ واري شعبي سان لاڳاپيل اداري وچ ۾ به مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون.

پاور ڊويزن موجب انهن معاهدن ۾ نجڪاري کانپوءِ گورننس فريم ورڪ، بجلي مارڪيٽ جي ترقي، معاون خدمتن جي ضابطن، پاور سسٽم آپريشنز، ٽرانسميشن رٿابندي ۽ بجلي جي ورڇ واري شعبي جي انتظام ۽ ڊجيٽلائيزيشن بابت سهڪار شامل آهي.

وفاقي وزير توانائي اويس لغاري مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيڻ کي ڀليڪار ڪندي چيو ته پاڪستان ترڪيه جي بجلي مارڪيٽ سڌارن، ٽرانسميشن سسٽم جي ترقي ۽ تقسيمي شعبي ۾ جدت جي تجربن مان فائدو حاصل ڪندو.

هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل سهڪار سان توانائي جي شعبي ۾ ڪارڪردگي، خدمتن جي فراهمي ۽ گورننس ۾ بهتري ايندي، جنهن سان بجلي جي نظام کي وڌيڪ مؤثر ۽ جديد بڻائڻ ۾ مدد ملندي.

You might also like