وزيراعظم جو وينزويلا ۾ زلزلن سبب ٿيل تباهين تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف وينزويلا ۾ آيل زلزلن سبب ٿيل تباهي ۽ قيمتي انساني جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام جي طرفان وينزويلا جي حڪومت ۽ عوام، خاص طور متاثرن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان.

هن چيو ته هن ڏکئي ۽ آزمائشي وقت ۾ اسان سڀني متاثر ماڻهن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا.

واضح رهي ته وينزويلا ۾ 7.2 ۽ 7.5 شدت وارن زلزلن کانپوءِ ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب مائيڪيتيا ۾ واقع مرڪزي هوائي اڏي کي زلزلي سبب سخت نقصان پهتو آهي، جنهن ڪري هوائي اڏي کي بند ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي آمريڪي جيولوجيڪل سروي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته زلزلي سبب وينزويلا ۾ فوتين جو انگ 10 هزار کان هڪ لک جي وچ ۾ ٿي سگهي ٿو.

You might also like