ملڪ ۾ بلدياتي چونڊن جي گھر، ڪابينا جا ميمبر وزيراعظم جي ڪم ۾ رڪاوٽ آھن: بلاول

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم ھاڪاري انداز ۾ مسئلن جو حل ڪڍڻ چاهي ٿو، پر ڪابينا جا ڪجهه ميمبر ڪم ۾ رڪاوٽ وجهن ٿا.

قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ وفاقي وزير آزاد ڪشمير جي معاملي تي باهه وسائڻ بدران ان کي وڌيڪ ڀڙڪايو، وزيراعظم کي پنهنجي ٽيم کي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي ۽ معاملي جي حل لاءِ اسان کي مولانا فضل الرحمان کي به جاءِ ڏيڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم شهباز شريف کي آزاد ڪشمير ۾ بحران جو سياسي حل ڪڍڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته اهڙو وزير ڪابينا ۾ ڇو آهي جيڪو راولاڪوٽ جي ڪشميرين کي ڪشميري نه سمجهي؟

هن چيو ته راجا پرويز اشرف خواجه آصف کي پنهنجي ڳالهه واپس وٺڻ جو موقعو ڏنو، پر دفاعي وزير معافي وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

بلاول ڀٽو زرداري مهاجرن جي مخصوص سيٽن تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته جيڪڏهن ڪو وزير چوي ته اسان 12 سيٽون کيسي ۾ کڻي ايندا آهيون ته پوءِ اسان ان جو ساٿ ڪيئن ڏئي سگهون ٿا.

هن چيو ته اسان وزيراعظم کي ڪامياب ٿيندي ڏسڻ چاهيون ٿا، ڇو ته جڏهن وزيراعظم پاڪستان ڪامياب ٿيندو ته پاڪستان به ڪامياب ٿيندو.

بلاول ڀٽو چيو ته ڪراچي جي دوستن کي ٻڌايان ٿو ته توهان جا مسئلا پيپلز پارٽي سان نه پر ڪابينا ۾ ويٺل توهان جي پنهنجن ميمبرن سان آهن، جيڪي توهان کي غلط ڄاڻ ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ جيڪو معاهدو ٿيو هو ان ۾ رڪاوٽون پاڻ ايم ڪيو ايم جي وزيرن وڌيون، توهان کي لالي پاپ ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته ڪراچي جا مسئلا حل نٿا ٿين ته پوءِ حڪومت ڇڏي ڏيو.

بلاول ڀٽو سڄي ملڪ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) بلدياتي چونڊن کان ڊڄي ٿي، توهان آئين جي ڳالهه ڪريو ٿا، ترميمون به ڪريو ٿا، پر اسلام آباد ۾ به بلدياتي نظام موجود ناهي.

هن چيو ته توهان اسلام آباد جو بلدياتي نظام اهڙو آڻيو جو اسان کي به ريس ٿئي ۽ اسلام آباد جو ميئر وڌيڪ بااختيار هجي.

بلاول ڀٽو چيو ته گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺهي چڪي آهي ۽ 90 ڏينهن اندر بلدياتي چونڊون ڪرايون وينديون.

You might also like