اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته خطي ۾ امن لاءِ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو.
قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته چئني صوبن طرفان فيڊرل گرانٽس فراهم ڪيون وينديون ۽ فيڊرل گرانٽس جي فراهمي ۾ صوبن جو ڪردار قابلِ تعريف آهي، جڏهن ته هي رقم دفاع سميت اهم معاملن لاءِ خرچ ڪئي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان واحد ملڪ هو جنهن سڀ کان پهريان ايران تي حملي جي مذمت ڪئي، پاڪستان تڪرار گهٽائڻ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪيو ۽ وزيراعظم به پنهنجن هم منصبن سان رابطي ۾ رهيو.
اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي ڪوششن سان عارضي جنگبندي ممڪن ٿي، 47 سالن کان پوءِ ايران ۽ آمريڪا جون سڌيون ڳالهيون ٿيون ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو. اسان جي ڪوشش هئي ته معاملا اسلام آباد ۾ ئي طئي ٿي وڃن.
نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 28 فيبروري کان پوءِ هن 52 ملڪن جي هم منصبن سان رابطا ڪيا، پاڪستان کي دنيا ۾ هاڻي ”امن قائم ڪندڙ ملڪ“ قرار ڏنو پيو وڃي. جنگبندي کان پوءِ تيل جا اگھھ تيزي سان گهٽجي رھيا آهن، ۽ جڏهن آبناءِ هرمز بند ڪيو ويو ھو ته حڪومت ٽرانسپورٽ شعبي کي سبسڊي ڏني هئي.