هڪ بيوقوف قوم چيو ته ايران تي بم هڻندا رهيو: ڊونلڊ ٽرمپ

پيرس(ع آ نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي 300 ارب ڊالر جي فنڊ کي ان جي سٺي رويي سان مشروط ڪيو آهي. هڪ بيان ۾، آمريڪي صدر چيو ته ايران سان آخري معاهدي لاءِ 60 ڏينهن جو عرصو ڪا سخت ڊيڊ لائن ناهي، هڪ انٽرويو ۾ اسرائيلين کي بنا نالي چوڻ جي چيو ته بيوقوف قوم جي چوڻ تي ايران تي بم هڻندا رهيا سين. آمريڪي فوج ڪجهه وقت  لاءِ خليج ۾ رهندي. آمريڪي ۽ ايراني صدرن اليڪٽرانڪ طور تي اسلام آباد مفاهمت جي ياداشت تي دستخط ڪيا، ٽياڪڙن ان جي تصديق ڪئي آهي ،ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران جو گهڻو پئسو منجمد ڪيو ويو آهي ۽ وقت اچڻ تي واپس ڪيو ويندو، جيڪڏهن ايران مثبت رويو اختيار ڪري ٿو، ته پابندين جي حوالي سان پيش رفت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته جيڪڏهن ايران سٺو رويو اختيار ڪري ٿو، ته اهو 300 ارب ڊالر جي فنڊ تائين رسائي حاصل ڪري سگهي ٿو. آمريڪي صدر چيو ته ايران متفق ٿي چڪو آهي ته اهو نه ته ايٽمي بم ٺاهيندو ۽ نه ئي حاصل ڪندو، ايٽمي ذخيرن بابت ٽيڪنيڪل ڳالهيون به جلد شروع ٿينديون. ٽرمپ جي مطابق، اسرائيلي اڳواڻ معاهدي کان خوش آهن.ان کان علاوه، ٽرمپ پاڪستان ۽ قطر جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ قطر ڳالهين لاءِ گهڻو ڪم ڪيو.

 

You might also like