سنڌ: ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي نتيجن بابت وڏي خبر اچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي نتيجن جي تاريخن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊز واري وزير اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ سمورن تعليمي بورڊز جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي سالياني امتحانن جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس دوران سمورن تعليمي بورڊز وزير کي پنهنجن ڊويزنن ۾ ٿيل امتحانن بابت بريفنگ ڏني.
اسماعيل راهو هدايت ڪئي ته سنڌ جي سمورن ڊويزنن ۾ ميٽرڪ جا نتيجا 10 جولاءِ تائين ۽ انٽرميڊيٽ جا نتيجا 31 جولاءِ تائين جاري ڪيا وڃن ته جيئن شاگردن کي وقت تي داخلا ملڻ ۾ سهولت ٿئي.
هن چيو ته تعليمي بورڊز ۾ شفافيت، ميرٽ ۽ امتحاني نظام جي بهتري لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو.
اجلاس دوران وزير کي ٻڌايو ويو ته تعليمي بورڊز نائين ۽ يارهين جماعت جا نتيجا 31 آگست تائين جاري ڪري ڇڏيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.