اسرائيل فلسطين وومين فٽبال ٽيم جي 2 انٽرنيشنل رانديگرياڻين کي گرفتار ڪري ورتو

والاريل بيت المقدس(ويب ڊيسڪ) اسرائيلي اختيارين فلسطين وومين فٽبال ٽيم جي ٻن انٽرنيشنل رانديگرياڻين، رند الحلاواني ۽ نٽالي ابو دايه کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، نٽالي ابو دايه کي والاريل اولهندي ڪناري ۾ يونيورسٽي جي هاسٽل تي ڇاپي دوران گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته رند الحلاواني کي والاريل بيت المقدس ۾ پوليس اسٽيشن طلب ڪري حراست ۾ ورتو ويو.
ٻئي پاسي فلسطين فٽبال ايسوسيئيشن رانديگرن کي باضابطا طور نشانو بڻائڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪئي آهي.
فلسطين فٽبال ايسوسيئيشن عالمي فٽبال تنظيم فيفاکان به ترت مداخلت ۽ ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته رانديگرياڻين جي تحفظ ۽ سندن حقن کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.