ڀارت کي وڏو ڌڪ، افغانستان خلاف سيريز مان ڪوهلي ٻاهر، روهت جي شرڪت به شڪي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جو اڳوڻپ ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي افغانستان خلاف ايندڙ ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ويرات ڪوهلي هيمسٽرنگ انجري سبب سيريز ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو.
رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته سندس متبادل رانديگر بابت فيصلو جلد ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي اڳوڻي ڀارتي ڪپتان روهت شرما جي به افغانستان خلاف سيريز ۾ شرڪت شڪي بڻجي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، آءِ پي ايل دوران هيمسٽرنگ جي تڪليف ۾ مبتلا رهندڙ روهت شرما اڃا تائين مڪمل طور تي فٽ نه ٿي سگهيو آهي.
بهرحال روهت شرما يا سندس ٽيم طرفان سندس فٽنيس بابت خبرن جي تصديق يا ئي ترديد نه ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته ڀارت ۽ افغانستان وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 13 جون کان شروع ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.