بي سي سي آءِ ورلڊ ڪپ فاتح ڪپتان سوريا ڪمار يادَو کي ڪپتاني تان هٽائي ڇڏيو؟

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي فاتح ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو کي ڪپتاني تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، سوريا ڪمار يادَو جي مستقبل بابت حتمي فيصلو ڪرڻ کان اڳ هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير سان صلاح مشورو ڪيو ويندو، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هو فيصلي ۾ دير ڪري سگهي ٿو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي سليڪٽرز هن وقت اهڙي ڊگهي مدي واري حڪمت عملي تي ويچاري رهيا آهن جنهن تحت نئون ڪپتان ايندڙ ٻن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ تائين ٽيم جي قيادت سنڀالي سگهي.
ذريعن موجب، بيٽر شرياس اَئِيَر جو نالو سامهون اچي رهيو آهي ته کيس ٽيم جي ڪپتاني سونپي ويندي، ان کان کانسواءِ تلڪ ورما کي اڪشر پٽيل جي جاءِ تي نائب ڪپتان بڻايو ويندو.
واضح رهي ته سوريا ڪمار يادَو جي قيادت ۾ ڀارت هلندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽيو هو، جڏهن ته سندس ناقص بيٽنگ سواليه نشان بڻيل رهي.
آءِ پي ايل 2026 ۾ به سندس بيٽ مان رنسون نه نڪتيون، هن ممبئي انڊينز طرفان 13 ميچن ۾ رڳو 270 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته فرنچائز ٽورنامينٽ ۾ نائين پوزيشن ماڻي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.