تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران جون فوجي پوزيشنون اڳ کان وڌيڪ مضبوط آهن، پر ان جي باوجود تهران تڪرار جو خاتمو ۽ امن چاهي ٿو.
عباس عراقچي پنهنجي بيان ۾ چيو ته جنگ دوران به ايران هٿيارن جي پيداوار جاري رکڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.
هن چيو ته ملڪ وٽ جنگ جاري رکڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي، پر ان جو اهو مطلب ناهي ته ايران جنگ کي جاري رکڻ جو خواهشمند آهي.
ايراني پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ايران هميشه پنهنجي قومي سلامتي ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ تيار رهيو آهي، جڏهن ته خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ استحڪام کي به اهميت ڏئي ٿو.
ايراني فوجي پوزيشن اڳ کان وڌيڪ مضبوط آهي، پر تڪرار جو خاتمو چاهيون ٿا: عباس عراقچي
You might also like