سنڌ جا وسيلا کپايا پيا وڃن: راشد محمود سومرو

ڪڪڙ (ن ع آ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) ضلعي دادو پاران سکر ۾ ٿيندڙ عالمي امن اجتماع کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڪڪڙ ڀرسان هڪ اهم اجلاس ۽ پريس ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. اجلاس ۾ جي يو آءِ سنڌ جي امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي، جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو، سراج احمد شاهه امروٽي ۽ ٻين مرڪزي توڻي مقامي اڳواڻن شرڪت ڪئي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي راشد محمود سومرو چيو ته پاڪستان جو ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ وارو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، پر

ملڪي سطح تي عوام کي مهانگائي جي ور چڙهايو ويو آهي. هن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه گهٽجڻ باوجود عوام کي ريليف نٿو ڏنو وڃي. هن سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته صوبي ۾ بدامني، قبائلي جهيڙا ۽ منشيات عام ٿي وئي آهي، جڏهن ته حڪمران سنڌ جا معدني وسيلا، زمينون ۽ جبل وڪرو ڪري رهيا آهن. راشد سومرو وڌيڪ الزام هنيو ته سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سان ناانصافيون وڌي ويون آهن ۽ بااثر ماڻهن جي ظلم سبب نياڻيون انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور آهن، پر حڪومت صرف لٽ مار ۾ مصروف آهي. هن چيو ته گذريل چونڊن ۾ جعلي مينڊيٽ ذريعي اقتدار حاصل ڪيو ويو پر عوام لاءِ ڪي به اثرائتا نه کنيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.