پي ايس ايل ۾ ڪوئيٽا جو سفر پورو، ڪراچي جون پلي آف ۾ پهچڻ جون اميدون برقرار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 جي اهم ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 9 وڪيٽن تان سان شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم کيڏيل ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز، ڪپتان ڊيوڊ وارنر ۽ ريزا هينڊرڪس جي شاندار ڀائيواري جي مدد سان 196 رنسن جو هدف 19 هين اوور ۾ رڳو هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ڊيوڊ وارنر 90 ۽ ريزا هينڊرڪس 87 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، جڏهن ته جيسن راءِ 20 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ڪوئيٽا جي واحد وڪيٽ جهان داد خان جي حصي ۾ آئي.
ان کان اڳ ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني.
ڪوئيٽا جي شروعات خراب رهي ۽ ٻئي اوپنر شامل حسين ۽ خواجه نافع کاتو کولڻ بنا پهرئين اوور ۾ ئي پويلين موٽي ويا.
ان موقعي تي تجربيڪار بيٽر رائلي روسو 90 ۽ ڪپتان سعود شڪيل 57 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم کي سهارو ڏنو، ٻنهي جي وچ ۾ 148 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ٿي، دنيش چنديمل جي 30 رنسن جي جارحاڻي اننگز جي مدد سان ڪوئيٽا اسڪور بورڊ تي 195 رنسن جو ٽوٽل سيٽ ڪيو.
ڪراچي ڪنگز طرفان رضوان الله 3، حسن علي 2 ۽ عباس آفريدي هڪ وڪيٽ ورتي، ڊيوڊ وارنر کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
واضح رهي ته هي ميچ ٻنهي ٽيمن لاءِ انتهائي اهم هئي، پر ڪنهن به ٽيم جي فتح کين سڌيءَ ريت پلي آف مرحلي ۾ نه پهچائيندي، فتح حاصل ڪندڙ ڪراچي ڪنگز کي هاڻي لاهور قلندرز ۽ حيدرآباد ڪنگزمين جي ميچن جي نتيجن جو انتظار ڪرڻو پوندو، جنهن کانپوءِ ئي پلي آف جي چوٿين ٽيم جو فيصلو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.