بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان، سرفراز هيڊ ڪوچ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
شان مسعود کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي، ٻين رانديگرن ۾ عبدالله فضل، عماد بٽ، اذان اويس، بابر اعظم، حسن علي، امام الحق، خرم شهزاد، محمد عباس، محمد رضوان، محمد غازي غوري، نعمان علي، ساجد خان، سلمان آغا، سعود شڪيل ۽ شاهين آفريدي شامل آهن.
اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي بنگلاديش دوري لاءِ هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي، اسد شفيق بيٽنگ ڪوچ ۽ عمر گل بالنگ ڪوچ جون ذميواريون نڀائيندو.
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 8 مئي کان ڍاڪا، ٻي ٽيسٽ ميچ 16 مئي کان سلهٽ ۾ کيڏي ويندي، ٻئي ميچون آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.