ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا طوبيٰ انور چيو آهي ته اڄڪلهه جي دور ۾ ڪنهن سان پيار ڪرڻ واري ڳالهه ختم ٿي چڪي آهي ۽ ماڻهن کي پيار ڪرڻ ناهي ايندو.
هڪ انٽرويو ۾ طوبيٰ انور چيو ته جڏهن ڪو توهان تي ڌيان ڏئي يا سار سنڀال ڪري ان کي ئي محبت چوندا آهن پر مون کي لڳي ٿو ته اڄڪلهه ڪنهن کي پيار نه پيو ٿئي ۽ ماڻهن کي پيار ڪرڻ ايندو به ناهي، جيڪو رومانس هو، اهو هاڻ ختم ٿي ويو آهي.
هن چيو ته جن وٽ محبت آهي، دعا ٿي ڪيان ته اهي خوش رهن پر اڄڪلهه ماڻهو خوش نٿا رهن، هاڻ اهي مصروف ٿي ويا آهن، مسئلا آهن ۽ ماڻهن وٽ مختلف آپشن آهن، اڄ جي دور ۾ سدائين گڏ رهڻ واري ڳالهه ناهي.
Next Post
You might also like