ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته ڊيزل کانپوءِ پيٽرول جي اگهن بابت فيصلو ايندڙ جمعي تي ڪيو ويندو ۽ اهو عالمي سطح تي اگهن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو.
ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلال اظهر ڪياني چيو ته ڪراچي پاڪستان جي معاشي سرگرمين جي ساهه واري رڳ آهي، ڪراچي دوري جو مقصد معاشي ترقي جي رستي ۾ پيش رنڊڪون ختم ڪرڻ آهي.
هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي معاشي ٽيم جي سربراهي ۾ جنگ دوران به معيشت کي مستحڪم رکيو، اسان مشاورت سان مسئلا حل ڪنداسين.
You might also like