حيدرآباد ۾ زال سوڌو کنڀيل ڳوٺاڻو مبينا مقابلي ۾ قتل، گڙدا ڪڍڻ جو الزام

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ مبينا طور گهران ڳوهاري زال سميت کنڀيل 3 ٻارن جو پيءُ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، عورت گم، مقتول جو لاش ڏيڻ کان انڪار، وارثن جو معصوم نياڻين سميت احتجاجي مظاهرو، حيدرآباد جي علائقي هوسڙي جي رهواسين پوليس پاران مبينا طور گهران ڳورهاري زال سميت کنڀيل ڳوٺاڻي کي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارڻ خلاف وارثن پريس ڪلب سامهون مارجي ويل ڳوٺاڻي شاهد سولنگي جي امڙ شهزادي ۽ ڀاءُ  بابر علي سولنگي جي اڳواڻي ۾ مقتول جي ٻارڙن سميت پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل شاهد سولنگي جي ڀاءُ بابر سولنگي چيو ته شاهد سولنگي جو تر ۾ پلاٽ جي معاملي تان بااثر ماڻهن سان تڪرار هلندڙ هو جنهن تان منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويا، منهنجي ڀاءُ پاران به مخالف ڌر خلاف ڪيس هلندڙ هئا، پوليس بااثرن جي چرچ تي ڪجھه وقت اڳ منهنجي ڀاءُ شاهد جي گهر تي چڙهائي ڪري گهر مان ڦرلٽ ڪرڻ بعد گهر کي به ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، 10ڏينهن اڳ ۾ منهنجي ڀاءُ هڪ وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي هئي ته ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ايس ايڇ او هوسڙي ۽ هوسڙي جو هڪ بااثر شخص مونکي قتل ڪندا، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ايس ايڇ او هوسڙي بااثر ماڻهن جي چرچ تي دشمني شاهد کي سندس ڳورهاري زال ڪرن سميت کڻي ويو ۽ ان کي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو، ڀاءُ جو لاش ڏسڻ کان پوءِ خبر پئي ته ان جا گڙدا به ڪڍيا ويا آهن، ڀاڄائي گم آهي، پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.