ميرپورخاص(صالح اوٺو+غفار رند) ميرپورخاص جي نجي محمد ميڊيڪل ڪاليج ۾ استاد۽ شاگردن جي هراسمنٽ کان پريشان ٿي آپگھات ڪندڙ شاگردياڻي فهميده لغاري جي ڪيس ۾ نامز جوابدارن مان پوليس گرفتار ڪيل هڪ شاگرد جوابدار عبدالرحمٰن جٽ جي گرفتاري ظاهر ڪرڻ بعد پوليس پاران کيس ميرپورخاص جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪري جوابدار جو ٽن ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني، ذريعن موجب ڪيس ۾ نامزد ٻي شاگرد عبدالله جي گرفتاري پڻ جلد ظاهر ٿيڻ جا امڪان آهن، پوليس پاران گرفتار ڪيل جوابدار عبدالرحمٰن کان جاچ دوران اهم انڪشاف سامهون آيا آهن ۽ سندس موبائيل فون مان پڻ اهم ثبوت هٿ آيا آهن جنهن وڌيڪ گرفتارين جا امڪان ظاهر ٿي رهيا آهن، پوليس پاران ڪيس ۾ نامزد شاگرد جوابدار عبدالله کان پڻ اهم انڪشاف ۽ ثبوت هٿ آيا آهن جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ هٿ آيل ثبوتن ۽ کنيل نالن بعد پوليس پاران ڪاليج جي ٻين استادن ۽ شاگردن کان جلد بيان ورتا ويندا، عبدالله ۽ عبدالرحمٰن پاران جاچ دوران فهميده کي هراسمينٽ جو شڪار بڻائڻ بابت ڪيل اهم انڪشافن جي تصديق ڪرڻ بعد عبدالله جي گرفتاري ايندڙ 12 ڪلاڪن دوران ظاهر ٿين جا امڪان آهن، هراسمنٽ سبب آپگھات ڪندڙ ٿرد ائير جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي واقعي جي جاچ لاءِ پي ايم ڊي سي جي ٽيم نجي محمد ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص پهچڻ جي اطلاع تي فهميده جا وارث، سياسي سماجي سول سوسائٽي ۽ شاگرد تنظيمن جا اڳواڻ نجي محمد ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص پهتا ۽ کين اندر وڃڻ کان وڪڻ تي اڳواڻن پاران ڪاليج جي مُک گيٽ اڳيان حتجاجي مظاهرو ڪري ڊاڪٽر فهميده لغاري جي خون سان انصاف ڪرڻ ۽ ڪاليج ۾ شاگردن کي هراسمنٽ جو شڪار بنائيندڙ مافيا خلاف ڪارRوائي جو مطالبو ڪيو ويو، شاگردن ۽ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪاليج جي انتظاميا تي شاگردن ۽ خاص طور شاگردياڻين کي هراسمنٽ جو شڪار بڻائڻ جو شڪايتون عام رهيون آهن جنهن جون شڪايتون ڪاليج جي پرنسپل سميت کي ڏنيو ويون پر ان تي ڪنهن به قسم جي ڪارروائي يا انڪوائري ڪرائڻ جي زحمت نه ڪئي وئي، جيڪڏهن ڪاليجن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هراسمينٽ ڪرڻ واري مافيا جو خاتمو نه آندو ويو ته مائٽ ڪنهن به نياڻي کي تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪلڻ بند ڪري ڇڏيندا جيڪو صرف نياڻين جو نقصان نه پر پوري ملڪ جو نقصان ٿيندو،
فهميده لغاري واقعي خلاف ڄامشورو ۽ ٻين شهرن ۾ ڌرڻا
ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) ميرپورخاص ۾ شاگردياڻي فهميده لغاري واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ شاگردن ۽ ٻين ڌرين طرفان مظاهرا جاري رکيا ويا، فهميده لغاري جي آپگهات واقعي ۾ انصاف لاءِ مختلف شاگرد تنظيمن جي جوڙيل اتحاد، شاگرد جدوجھد اتحاد طرفان وزير علي کوسو، علي شنباڻي، بسم علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڄامشوري ۾ ٻن ڏينهن کان سنڌالاجي سامهون انڊس هاءِ وي تي لڳايل ڌرڻو جاري رکيو ويو، ڌرڻي سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ سوين گاڏيون بيهجي ويون، فهميده لغاري جي آپگهات ڪيس ۾ انصاف لاءِ نعريبازي ڪئي وئي، جاچ ٽيم پاران ڪاليج جو دورو ڪرڻ دوران فهميده جا وارث به پهتا ۽ هو جذباتي ٿيندي چيو ته ڄامشوري ۾ بيگناهه شاگردن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڪيس ۾ ملوث مک جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نياڻين کي هيسائڻ جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، نتيجي ۾ شاگردياڻيون آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن، هاڻي درسگاهن مان اسان کي لاش ملڻ لڳا آهن، جيڪو عمل برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي، واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ڌرڻي دوران ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاھنواز جوکيو، ايس ايڇ او امتياز لاڙڪ، ون فائيو انچارج حامد اوٺو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي ۽ ٻين شاگردن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر شاگردن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف ڄامشورو شھر جي مک چوڪ وٽ ڄامشورو _سيوهڻ انڊس هاءِ وي روڊ تي جسقم طرفان ديدار شام، رياض ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميرپورخاص واقعي خلافمظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين مطالبو ڪيو ته شاگردياڻي فهميده کي هيسائڻ ۽ آپگهات تائين ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي، ميرپور خاص جي شاگردياڻي، ايگريڪچر نجي ڪمپني جي زونل مئنيجر انتظار لغاري جي نياڻي فهميده لغاري جي افسوسناڪ موت واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٺٽي ۽ مڪلي تي ڌار ڌار مظاھرا ڪري شاگردياڻي فهميده لغاري ڪيس ۾ ملوث سمورن جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو، احتجاج جي اڳواڻي سنڌ ايگريڪچر ايمپلائيز فورم ٺٽو ۽ سجاول جي اڳواڻن عاقب لغاري، ممتاز علي شيخ، عارف جنڊاڻ، شريف رند، ممتاز بروھي، اسلم جماري، ڪامران آرائين، محرم ھيسباڻي، محمد عمر چانڊيو، علي محمد ڀرڳڙي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.
فهميده واقعي جي ذميوارن کي سخت سزا ڏني وڃي:زين شاهه
ڄامشورو (ڊر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ چيو آهي ته پيٽروليم ليوي ختم ٿيندي ته مھانگائي پاڻ مرادو گھٽجي ويندي، حڪومت فوري طور ماڻهو جي زندگي آسان ڪرڻ ۽ زراعت جي بھتري لاءِ موجوده ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ گھٽتائي ڪري، مرڪزي باڊي جي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سيد زين شاھ چيو ته ايران، آمريڪا جن بندي جي آجيان ڪيون ٿا، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ڪمائي ڪراچي تي خرچ ڪئي وڃي ته جيئن انفرا اسٽرڪچر سان گڏوگڏ صوبي جي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگھجي، ميرپور خاص ۾ خانگي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ھڪ نياڻي جي خودڪشي جو واقعو انتھائي ڏکائيندڙ واقعو آهي، ادارن کي ان جو فوري نوٽيس وٺي ملوث ماڻهن کي ڪڙي کان ڪڙي سزا ڏني وڃي، 20 مئي تي اسان مورو واقعي کي ھڪ سال پورو ٿيڻ تي مورو ۾ ڀرپور احتجاج ڪنداسين.
پي ايم ڊي سي وفد جو فهميده واقعي سان ڪو به تعلق ناهي:پروفيسر رضي محمد
ميرپورخاص: هراسمنٽ سبب آپگھات ڪندڙ فهميده لغاري جي واقعي جي جاچ لاءِ پي ايم ڊي سي جي ٽيم نجي محمد ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص پهچڻ جي حوالي سان رابطو ڪرڻ تي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي ٽرسٽي پروفيسر سيد رضي محمد چيو ته پي ايم ڊي سي جي وفد ۾ ڪي پي ڪي ۽ ڪوئٽا جي پروفيسرن جي وفد محمد ميڊيڪل ڪاليج جو اڪيڊمڪ دورو ڪيو هو جنهن ڪاليج جي مختلف شعبن جو معائنو ڪري محمد ميڊيڪل ڪاليج ۾ تعليم جي فراهمي جو جائزو ورتو هن چيو ته پي ايم ڊي مان اڪيدمڪ دورا ڪرڻ لاءِ ٽيمون يا وفد اڪثر ايندا رهندا آهن هن وفد جو شاگردياڻي فهميده لغاري واري واقعي جو ڪو به تعلق ناهي ۽ نه ئي وري وفد ان حوالي سان ڪا ڳالھ ٻولھ ڪئي آهي.
هن ڏک جي گھڙي ۾ اسين فهميده لغاري جي خاندان سان گڏ آهيون: مير انور ٽالپر
ميرپورخاص: ضلعي ڪائونسل ميرپورخاص جو چيئرمين مير انور ٽالپر، ايس ايس پي ميرپوخاص سيد فدا حسين شاهه، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ايم پي اي صابر قائم، خالد تبسم، آفاق احمد، سليم ميمڻ ۽ ٻيا فهميده لغاري جي تڏي تي پهتا ۽ وارثن سان تعزيت ڪئي، ضلعي چيئرمين مير انور ٽالپر چيو ته هن ڏک جي گھڙي ۾ اسين سڀ فهميده لغاري جي ڏکوئيل خاندان سان گڏ آهيون، ايس ايس پي ميرپورخاص کي پاڻ هن ڪيس جي ذاتي طور سربراهي ۽ نگراني ڪري رهيو آهيو ڪيس جا مُک جوابدار گرفتار ٿي ويا آهن جيڪي رهن ٿا انهن کي پڻ پوليس جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندي، وارثن کي هر حال ۾ انصار جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.