انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ پرڏيهي وزير هاڪان فيدان چيو آهي ته اسرائيل ترڪيه کي هڪ نئون دشمن قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي هاڪان فيدان چيو ته اسرائيل کي پنهنجي بقا لاءِ ڪنهن به ڪنهن دشمن جي ضرورت هوندي آهي ۽ ايران کانپوءِ هاڻ هو ترڪيه کي دشمن طور پيش ڪرڻ چاهي ٿو.
هن چيو ترڪيه سمجهي ٿو ته آبناءِ هرمز کولرائڻ لاءِ ملڪن طرفان مداخلت ڪرڻ مناسب ناهي، جڏهن ته آبناءِ هرمز ذريعي چرپر ۾ رنڊڪ نه هجڻ گهرجي ۽ ڪنهن به ملڪ کي گذرڻ لاءِ فيس ادا نه ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته لبنان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو اسرائيلي پاليسين جو حصو آهي، اهو بحران علائقائي تڪرار ڏانهن وڌي سگهي ٿو.
اسرائيل ترڪيه کي نئين دشمن طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: ترڪ پرڏيهي وزير
You might also like