آمريڪا بدنيتي ڪئي، تڪرار جي حل لاءِ سفارتڪاري ترجيحي رستو آهي: ايراني صدر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته تڪرار جي حل لاءِ سفارتڪاري ترجيحي رستو آهي.
فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون سان گفتگو ڪندي ايراني صدر چيو ته اسلام آباد ڳالهيون حتمي نتيجي تائين ان ڪري نه پهچي سگهيون، ڇو ته آمريڪا نيڪ نيتي مظاهرو نه ڪيو، آمريڪا ڳالهين دوران وڌ کان وڌ مطالبن تي اصرار ڪيو.
هن چيو ته يورپ آمريڪا کي عالمي قانونن جي پاسداري لاءِ عمل ڪرائڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڌمڪين، دٻاءَ ۽ فوجي ڪارروائي سان خطي ۾ مسئلا وڌندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.