بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ايران جي بندرگاهن تي آمريڪي ناڪابندي تي سخت تنقيد ڪندي ان کي ”خطرناڪ ۽ غير ذميواراڻو قدم“ قرار ڏئي ڇڏيو.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان پريس ڪانفرنس دوران چيو ته اهو قدم خطي ۾ ڇڪتاڻ کي وڌائيندو ۽ جنگبندي واري معاهدي کي نقصان پهچائي سگهي ٿو، اهڙا قدم سفارتي ڪوششن کي ڪمزور ڪن ٿا ۽ امن جا امڪان متاثر ڪن ٿا.
هن انهن خبرن کي به رد ڪيو، جن ۾ چيو ويو هو ته چين ايران کي جديد فضائي دفاعي نظام فراهم ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان واضح ڪيو ته اهڙا الزام بي بنياد آهن، چين ان معاملي ۾ سدائين محتاط ۽ ذميواراڻي پاليسي اختيار ڪئي آهي.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن بيجنگ تهران کي فوجي مدد فراهم ڪئي ته چيني شين تي 50 سيڪڙو تائين ٽيرف لاڳو ڪري سگهون ٿا.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ان تي ردعمل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن آمريڪا چين تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪندو ته چين به سخت جوابي قدم کڻندو.
ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي ۽ چين تي ٽيرف جي ڌمڪي، بيجنگ جو سخت ردعمل اچي ويو
You might also like