واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)سي آءِ اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جان برينن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته آمريڪي آئين ۾ شامل 25هين ترميم اهڙين ئي حالتن لاءِ، خاص طور تي ٽرمپ جهڙن صدرن کي نظر ۾ رکندي تيار ڪئي وئي هئي۔پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب جان برينن اڳوڻي صدر باراڪ اوباما جي دور ۾ سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) جو سربراهه رهيو آهي۔آمريڪي ميڊيا اداري کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ جان برينن صدر ٽرمپ جي تازي بيانن تي تنقيد ڪندي چيو ته ايران جي تهذيب جي ممڪن تباهي بابت سندس ريمارڪس ظاهر ڪن ٿا ته هو واضح طور غير متوازن آهن ۽ ڪمانڊر اِن چيف طور خطرو بڻجي چڪا آهن۔ٽرمپ کي 25هين آئيني ترميم تحت هٽائڻ بابت بحث به وڌي رهيو آهي۔جان برينن موجب ٽرمپ وٽ آمريڪي فوجي طاقت، خاص طور ايٽمي هٿيارن تي ڪنٽرول هجڻ، کين هڪ ناقابلِ قبول خطرو بڻائي ٿو۔هن چيو ته ٽرمپ واضح طور غير متوازن آهن، ۽ سندس خيال ۾ 25هين ترميم خاص طور ڊونلڊ ٽرمپ جهڙن صدرن کي نظر ۾ رکي لکي وئي هئي۔هن بيان کان پوءِ ايران سان ممڪن جنگ ۽ صدر جي جارحاڻن بيانن بابت بحث وڌيڪ تيز ٿي ويو آهي۔