جنگبندي کانپوءِ سعودي ۽ ايراني پرڏيهي وزيرن جو هڪٻئي سان رابطو

رياض (ويب ڊيسڪ) جنگبندي کانپوءِ سعودي ۽ ايراني پرڏيهي وزيرن وچ ۾ پهريون ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي زور ڏنو آهي.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي.
سعودي پرڏيهي وزارت موجب، شهزادي فيصل بن فرحان بن عبدالله کي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ٽيليفون ڪيو.
بيان موجب، ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ استحڪام جي قدمن تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.