عوام لاءِ بُري خبر، ڪراچي سميت سڄي ملڪ لاءِ بجلي مهانگي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت سڄي ملڪ لاءِ بجلي مهانگي ڪئي وئي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نيپرا في يونٽ بجلي هڪ رپيو 42 پيسا مهانگي ڪري ڇڏي، بجلي فيبروري 2026 جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي، واهپيدارن کان واڌ اپريل جي بلن ۾ وصول ڪئي ويندي.
حڪومتي پاليسي گائيڊ لائنز موجب واڌ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي به لاڳو ٿيندي، جڏهن ته لائن لائن واهپيدارن، اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنز تي واڌ لاڳو نه ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.