اسان دنيا کي وڏي تباهيءَ کان بچائي ورتو: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان کي دانشمندي، عزم ۽ امن لاءِ ثابت قدمي سان قيادت ڪرڻ تي فخر آهي.
اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري نار ڇڪتاڻ ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل جنگ بندي جي آجيان ڪئي.
هن چيو ته هي وقتائتو قدم آهي، جيڪو ڳالهين، صبر ۽ مستحڪم علائقائي ماحول لاءِ ضروري آهي، پاڪستان ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ نيڪ نيتي سان لڳاتار ڪوششون ڪندو رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان اهو قدم خطي ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ کنيو، جڏهن دنيا وڏي تباهي جي ويجهو هئي.
صدر واشنگٽن، تهران، اسلام آباد ۽ نار ملڪن، خاص طور سعودي عرب جي قيادت جي پڻ ساراهه ڪئي، هن وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ڪوششن کي به ساراهيو.
صدر آصف علي زرداري چين، ترڪيه، قطر، مصر ۽ ٻين جي سي سي ملڪن جو پڻ ٿورو مڃيو ۽ چيو ته جنگ بندي کي پائيدار ڳالهين، اعتماد سازي ۽ پرامن حل لاءِ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.