اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جنگبندي جون ڀڃڪڙيون امن عمل جي روح کي متاثر ڪري رهيون آهن.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جنگ سٽيل علائقي ۾ ڪجهه جاين تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي جا اطلاع ڏنا ويا آهن، اهي ڀڃڪڙيون امن عمل جي روح کي متاثر ڪري رهيون آهن، سڀني ڌرين کي مخلصاڻي درخواست آهي ته صبر جو مظاهرو ڪن.
هن چيو ڌرين کي درخواست آهي ته ٻن هفتن جي جنگبندي جو احترام ڪن، ان مدي تي گڏيل اتفاق ٿيو آهي، تڪرار جي پرامن حل لاءِ سفارتڪاري کي اڳتي وڌائڻ جو موقعو ڏنو وڃي.
You might also like