پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪار علي رضا ۽ اداڪارا حنا آفريدي پنهنجي نئين ڊرامي لاءِ رومانوي منظرن جي شوٽنگ ڪرائڻ جي تجربي تي ڳالهايو آهي.
علي رضا ۽ حنا آفريدي تازو هڪ ويب شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي.
علي رضا چيو ته اسان رومانوي منظرن جي شوٽنگ ڪرائيندي کلندا هئاسين، جڏهن به اهڙي ڪنهن سين جي شوٽنگ ڪرائي ويندي هئي ته پنهنجي ڊائريڪٽر کي چرين جيان ڏسندا هئاسين پر اهو اسان جو ڪم هو ۽ اسان کي سنجيدگي سان ڪرڻو هو، تنهن ڪري اسان ائين ئي ڪيو.
هن چيو ته حنا سان منهنجي دوستي به آهي، تنهن ڪري گڏ ڪم ڪرڻ ۾ آساني ٿي.
You might also like