ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پشاور زلمي جي آل رائونڊر عامر جمال چيو آهي ته عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ گهڻو اهم آهي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عامر جمال چيو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سان فارم واپس ايندي آهي، اها ڪرڪيٽ نرسري آهي، مون لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ وڃڻ ضروري هو، فاسٽ بالر لاءِ ريڊ بال ڪرڪيٽ اهم هوندي آهي، ريڊ بال کي گهڻي اهميت ڏيندو آهيان.
هن چيو ته انجري سبب مان گهڻو عرصو ڪرڪيٽ نه کيڏي سگهيس پر ڊوميسٽڪ ۾ ريڊ بال ڪرڪيٽ کيڏي فٽنيس ۽ رڌم بحال ڪئي، پي ايس ايل کان اڳ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏي، بي پي ايل کيڏي آيو آهيان، 100 سيڪڙو فٽ آهيان.
You might also like