ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) وفاقي حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ڪالهه پنجين ڏينھن بہ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ قومي عوامي تحريڪ،سنڌياڻي تحريڪ ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ پاران مظاھرا ۽ ريليون ڪڍي ڌرڻا ھنيا ويا. حيدرآباد ۾ اولڊ ڪئمپس کان پيادل مارچ ڪري حيدرآباد پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. مارچ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جون ڪارڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پيادل مارچ جي اڳواڻي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر شازيه احمداڻي، فضا ملاح، نصرت خاصخيلي، ماروي راول، زرينه بلوچ، زينت ڀٽي،قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ضلعي جي آرگنائيزر آغا عباس پٺاڻ، راول سيال، نذير بليدي،الطاف خاصخيلي،بابوسولنگي، جمن سولنگي، امداد پنھور، نور حسن جمالي، راجيش ڪمار، معشوق چانڊيو، بابو ميمڻ،حفيظ تنيو، چيتن ڪمار، خير جان چانڊيو ۽ ٻين ڪئي.تنگواڻي ۾ ارسلاح بهلڪاڻي، ربڏنو ملڪ، سچل ملڪ، سرور گاجاڻي،ڪنڌڪوٽ ۾ سجاد بروهي، شاھ علي سھرياڻي، علي مراد سبزوئي شاھد سھرياڻي،غلام رسول گولو،رحمت الله ڇڄڻ،روھت ڇاٻڙيا،راشد ڀيو، سائين بخش جعفري،وزير بھلڪاڻي،مصطفي اوڳاهي،ڌڻي بخش سبزوئي، الطاف شيخ، شوڪت ڀيو، ڀڳوان سنگھ، ڪبير ديوان ماڙوائي، شهدادڪوٽ شهر ۾ علي اڪبر خاصخيلي،جاويد جمالي،ايڊوڪيٽ ضمير سيال، حسين سنڌي، جاويد علي،شوڪت ڀٽي،عرض محمد ھالا شهر ۾ شيراز علي لاکو،ماجد علي خاصخيلي،نعيم جان خاصخيلي، حبيب الله مشوري،علي اصغر مشوري،مولا بخش لاکو،اسلم لاکو،حب علي ملاح،راشد علي خاصخيلي،واھي پانڌي ۾ عروسم باغي، ڪامريڊ امير زادي برھماڻي عارفه برھماڻي جي اڳواڻي ۾،شجاع آباد ۾ ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري،ڪامريڊ حسين خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ مويا شھر ۾ منظور علي رند،علي مردان رند ،سادو مل،حنيف باگراڻي،معشوق رند،دلدار رند جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويوان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر شازيا احمداڻي خطاب ڪندي چيو تہ حڪمرانن لاءِ مھانگا جھاز، مفت تيل ۽ سموريون مراعتون آھن پر پورھيت طبقو ھڪ ويلي ماني لاءِ پريشان آھي. آغا عباس خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ سميت سڄي ملڪ جو عوام مھانگائي خلاف رستن تي آھي. جمھوريت جي نالي ۾ آمريت قائم ڪئي وئي آھي. سڄي دنيا مان قرض کڻي حڪمرانن اربين روپين جون ملڪيتون ٺاھيون آھن. عوام تي ناجائز ٽيڪس مڙھڻ بدران ڪرپٽ ماڻھن جون ملڪيتون ضبط ڪري ملڪ جو قرض واپس ڪيو وڃي،نصرت خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ خراب حڪمراني جي ڪري ملڪ سدائين نازڪ موڙ تي بيٺو آھي. ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ کي ڪرپٽ حڪمرانن ڪمائي جو ذريعو بنائي ڇڏيو روال سيال چيو تہ سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي.