ڪراچي ۾ وري برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو وري ڪڪر وسڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهندي هوائن جو هڪ سلسلو 5 اپريل تي ايران جي رستي بلوچستان ۾ داخل ٿي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ اولهندي هوائن جا اثر 6 اپريل تي برسات جي صورت ۾ نظر اچي سگهن ٿا، جڏهن ته ڪراچي ۾ به 6 اپريل تي مينهن وسي سگهي ٿي.
موسميات کاتي موجب، سسٽم سبب ڪراچي ۾ هلڪي کان وچولي برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.