اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي پٽ جي ڳالهه کي وفاقي حڪومت تڪراري بڻايو آهي۔خيبر پختونخوا هائوس، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سهيل آفريدي چيو ته باني پي ٽي آءِ جي پٽ قاسم خان جي ڳالهه جو اردو ۾ ترجمو ڪرايو ويو آهي۔هن چيو ته هي هڪ پٽ جا پنهنجي پيءُ لاءِ جذبا هئا، جن جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي۔ سندس چوڻ هو ته هڪ پٽ کي پنهنجي پيءُ لاءِ جيڪا ڳڻتي هوندي آهي، اها ئي هن ڳالهه ۾ ظاهر ٿي آهي۔سهيل آفريدي چيو ته هن ڳالهه کي يورپي واپاري سهولت واري معاهدي (جي ايس پي پلس)سان ڳنڍي غلط بيان ڪيو پيو وڃي۔هن وڌيڪ چيو ته باني پي ٽي آءِ جي گهرواري جي اک ۾ به تڪليف آهي ۽ ساڻس ناانصافي وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي۔وڏي وزير الزام هنيو ته وفاقي حڪومت ماحولياتي تحفظ خلاف سازش ڪري رهي آهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا ۾ ضرورت کان وڌيڪ وڻ پوکيا ويا آهن۔سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت ماحولياتي تحفظ جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي ۽ يورپي واپاري سهولت واري معاهدي جي به پاڻ ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي۔سهيل آفريدي چيو ته جيڪڏهن صنعتون صحيح نموني هلن ها ته واپاري خسارو گهٽ ٿئي ها، پر وفاقي پاليسين سبب هارين، شاگردن ۽ عام ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي،هن چيو ته قاسم خان جي تازين تقرير کي موجوده جعلي حڪومت غلط رنگ ڏئي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، جعلي حڪومت پنهنجي معاشي ناڪامين جو ملبو قاسم خان تي وجهي پنهنجي نااهلي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي۔ هن ٻڌايو ته قاسم خان جي تقرير جو اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي ته جيئن حقيقت عوام تائين پهچي سگهي۔وڏي وزير وڌيڪ چيو ته يورپي ملڪ واپاري لاڳاپن لاءِ جمهوريت، انساني حقن، ماحولياتي تحفظ ۽ شفاف حڪمراني کي لازمي قرار ڏين ٿا، جڏهن ته موجوده حڪومت انهن اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري الزام پي ٽي آءِ تي لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي۔سهيل آفريدي چيو ته هو چاهين ٿا ته پاڪستان جي ايس پي پلس لاءِ اهل رهي، ۽ جعلي حڪمران عمران خان جي مخالفت ۾ ايترا انڌا ٿي ويا آهن جو پاڪستاني قوم هاڻي سندن چهرو وڌيڪ ڏسڻ نٿي چاهي۔هن اعلان ڪيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جا ڪارڪن ملڪ ڀر ۾ احتجاج لاءِ تيار آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته عمران خان کان پوءِ هاڻي بشرابي بي سان به مسئلا سامهون اچي رهيا آهن۔