لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي يارهين ايڊيشن ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جي نمائندگي ڪندڙ ڪيوي اوپنر ڊيون ڪانوي چيو آهي ته ڪنهن به ليگ جو ٻي ليگ سان مقابلو ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊيون ڪانوي چيو ته هو پهريون ڀيرو پاڪستان سپر ليگ کيڏي رهيو آهي ۽ ٽيم جو ماحول بهترين آهي.
هن چيو ته ٻن وينيوز تي ميچز ٿيڻ ٿورو مختلف آهي پر ليگ لاءِ سٺو آهي، فاسٽ بالر سامهون اچڻ سان ٽاپ آرڊر لاءِ سٺو چئلينج پيدا ٿئي ٿو.