لاس اينجلس/ غزا (ويب ڊيسڪ) مشهور هالي ووڊ اداڪارا اينجلينا جولي غزا ۾ جاري انساني الميي ۽ تباهي جي هڪ نئين تصوير دنيا آڏو پيش ڪئي آهي.
پناهه گيرن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ جولي انسٽاگرام تي غزا جي هڪ 26 سالن جي ناري جو خط شيئر ڪيو آهي، جنهن ۾ جنگ دوران خاندانن کي درپيش سختين جو ذڪر ٿيل آهي، انهي ناري پنهنجي پيءُ کي گولي باري ۾ وڃائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي پنهنجي معذور ڀيڻ ۽ گهر وارن سان گڏ هڪ خيمي ۾ زندگي گذاري رهي آهي.
جولي لکيو آهي ته ”ان ناري مون کي ٻڌايو ته سندس گهر وارن ۽ پاڙيسرين لاءِ روزاني جي زندگي ڪيتري ڪٺن آهي، اسان جو ڌيان دنيا جي ٻين واقعن ڏانهن هٽي ويو آهي پر غزا جو ڏک اڃا جاري آهي.“
خط ۾ لکيل آهي ته غزا ۾ هاڻي موت کان به بدتر صورتحال آهي، جتي انسان روح کان سواءِ جيئرو آهي ۽ ملبي جي وزن کان وڌيڪ ڳورو ڏک کڻي گهمي رهيو آهي.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻارڙا هاڻي اسڪول، قلم ۽ ڪاپيون وساري ويٺا آهن، انهن جا سڀ خواب هاڻي رڳو پاڻي جي هڪ بوتل يا کاڌي جي هڪ پليٽ تائين محدود ٿي ويا آهن، اسپتالن جي تباهي ۽ دوائن جي کوٽ سبب صحت جا وڏا مسئلا پيدا ٿي ويا آهن پر ان سڀني مصيبتن جي باوجود غزا جو عوام اڃا به زندگي ۽ خوشين کي واپس آڻڻ جي اميد رکي ٿو ته هڪ خوبصورت مستقبل ضرور ايندو.
You might also like