دنيا ۾ گرميءَ سبب ٿيندڙ هر ٽين فوتگي پاڪستاني شهرن ۾ ٿيندي: رپورٽ

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) عالمي سطح تي وڌندڙ گرمي پد پاڪستان لاءِ هڪ وڏو انساني بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي.
شڪاگو يونيورسٽي جي ڪلائميٽ ايمپيڪٽ ليب پاران جاري ڪيل هڪ رپورٽ موجب 2050ع تائين پاڪستان ۾ موسمياتي تبديليءَ سبب فوتين جي شرح ۾ في لک ماڻهن تي 51 فوتين جي واڌ ٿي سگهي ٿي.
رپورٽ ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته دنيا جي جن 301 شهرن ۾ گرميءَ سبب فوتگيون وڌنديون، انهن مان هر ٽيون ماڻهو پاڪستاني شهر جو رهواسي هوندو.
تحقيق موجب فيصل آباد دنيا جو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ شهر هوندو، جتي ساليانو 9400 واڌو فوتگيون ٿي سگهن ٿيون، ان کان سواءِ ملتان، گوجرانوالا، لاهور، پشاور، حيدرآباد، راولپنڊي ۽ اسلام آباد به انهن 15 شهرن ۾ شامل آهن، جيڪي عالمي سطح تي گرمي پد وڌڻ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا.
ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ گرميءَ سبب ٿيندڙ فوتگيون ٽي بي ۽ اسٽروڪ جهڙن خطرناڪ مرضن کان به وڌي وڃڻ جو خدشو آهي.
ماهرن موجب پاڪستان وٽ هن تباهي کان بچڻ لاءِ ڪو به مضبوط پلان يا فنڊ موجود ناهي. موجوده بجيٽ ۾ رڳو 85 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پاڪستان کي 2030ع تائين پنهنجو پاڻ کي تيار ڪرڻ لاءِ 152 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي، جيڪڏهن عالمي سطح تي زهرِيلي گيسن جي اخراج کي گهٽ نه ڪيو ويو ته غريب ملڪن، خاص طور تي پاڪستان ۾، هي صورتحال هڪ وڏو انساني الميو بڻجي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.