واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) آمريڪي اسڪالر پروفيسر جان مرشائمر چيو آهي ته ايران هاڻي ڪنهن به صورت منظر مان غائب ٿيڻ وارو ناهي. جيڪڏهن ايران ۾ حڪومت تبديل ٿي به وڃي، نئين حڪومت پڻ مغرب جي خيرخواهه نه هوندي.آيت الله خامنائي جي قتل سان ئي ايران ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ختم ٿي وئي آهي، جيڪا ايران کي ايٽمي طاقت حاصل ڪرڻ کان روڪي رهي هئي (يعني خامنائي جو فتويٰ ايٽمي طاقت خلاف هاڻي ايران لاءِ ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جون وجوهات اڳ کان گهڻو وڌيڪ مضبوط ٿي چڪيون آهن هوڏانهن آمريڪا جي معاشي ماهر جيفري سڪس چيو آهي ته ٽرمپ اسان جي قوم لاءِ مڪمل طور تي بدنام آهي. ڪانگريس مؤثر طريقي سان مرده آهي. اهي سڀ صيهوني لابي جي پگهار تي ڪم ڪن ٿا،هن چيو ته اسرائيل هڪ اسڪول ۾ 150 شاگردياڻين کي شهيد ڪيو، پر ڪو به ان تي ڳالهائي به نه ٿو ڪري.