ايرانين جي ڄمي بيهڻ واري همت کي سلام ڪيان ٿي: عائشه قذافي

مسقط(ع آ نيوز) ليبيا جي اڳوڻي اڳواڻ مرحوم معمر قذافي جي صاحبزادي عائشہ قذافي، جيڪا جلاوطني جي زندگي گذاري رهي آهي، ايران جي عوام جي نالي هڪ جذباتي پيغام جاري ڪيو آهي. هن پيغام ۾ هن ايراني عوام کي ثابت قدم ۽ آزادي پسند قرار ڏيندي چيو ته منهنجا هي لفظ هڪ اهڙي دل مان نڪري رهيا آهن جيڪو تباهي، درد ۽ دوکي جي تجربن سان لبريز آهي ۽ هي هڪ اهڙي عورت جو آواز آهي، جنهن پنهنجي ملڪ جي بربادي کي ڪنهن کليل دشمن جي هٿن نه پر اولهه جي دلڪش مرڪڻين ۽ ڪوڙن واعدن جي ڄار ۾ ڦاسڻ کان پوءِ پنهنجي اکين سان ڏٺو.پنهنجي پيغام ۾ هن مغربي سامراجي طاقتن جي نعرن ۽ لفظن کان هوشيار رهڻ جي تنبيهه ڪندي چيو ته انهن ئي طاقتن ڪڏهن ڪرنل معمر قذافي کي چيو هو ته جيڪڏهن هو پنهنجو جوهري ۽ ميزائل پروگرام ترڪ ڪري ڇڏين ته دنيا جا دروازا مٿن کلي ويندا. هن وڌيڪ چيو ته معمر قذافي نيڪ نيتي ۽ ڳالهين تي اعتماد ڪندي رعايتن جو رستو  اختيار ڪيو، پر ان جو صلو اهو مليو ته نيٽو جي بمباري ملڪ کي ملبو بڻائي ڇڏيو، ليبيا رت ۾ ٻڏي ويو ۽ ان جو عوام غربت، جلاوطني ۽ تباهي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو.هن ايراني عوام جي جرئت، وقار ۽ ثابت قدمي کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته پابندين، مخبرن ۽ معاشي جنگ جي باوجود انهن جو ڄمي ڪري بيهڻ سندن قومي عزت ۽ حقيقي آزادي جي علامت آهي، جڏهن ته هي موقف پڻ پيش ڪيو ته دشمن کي رعايت ڏيڻ تباهي، ورهاست ۽ تڪليف کانسواءِ ڪجهه به نٿو آڻي ۽ بگھڙ سان ڳالهيون نه رڍن کي بچائي سگهن ٿيون ۽ نه ئي پائيدار امن آڻي سگهن ٿيون، بلڪه هي رڳو ايندڙ خطري جي تاريخ طئي ڪن ٿيون. عائشہ قذافي جو وڌيڪ چوڻ هو ته تاريخ بار بار ثابت ڪيو آهي ته جيڪي قومون ثابت قدم رهيون، خواه اهي ڪيوبا، وينزويلا، اتر ڪوريا يا فلسطين جا مثال هجن، اهي دنيا جي هيروز جي دلين ۾ زنده رهيون ۽ عزت سان تاريخ ۾ امر ٿي ويون، جڏهن ته سر جهڪائيندڙ راک ۾ تبديل ٿي ويا ۽ انهن جا نالا به فراموش ڪيا ويا. پنهنجي پيغام جي پڄا۾ي تي عائشہ قذافي ايران جي بهادر عوام کي سلام پيش ڪيو، ايراني مزاحمت کي خراجِ تحسين ڏنو ۽ فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي محبت ۽ همدردي جي جذبن سان پنهنجو پيغام مڪمل ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.