روز ٽيلر جا ٻه ڪيچ ڊراپ ڪرڻ کانپوءِ شعيب اختر ڪامران اڪمل کي ڇا چيو؟ فاسٽ بالر دلچسپ قصو ٻڌائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر 2011 واري آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٿيل گروپ ميچ دوران پيش آيل واقعو ٻيهر شيئر ڪيو آهي.
آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي ان ميچ ۾ وڪيٽ ڪيپر ڪامران اڪمل ٻه آسان ڪيچ ڊراپ ڪيا هئا، جن جو ميچ جي نتيجي تي گهرو اثر پيو.
ويجهڙ ۾ هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ شعيب اختر چيو ته هو اڄ به ان ميچ کي ياد ڪري ٿو، جڏهن ڪامران اڪمل ٻه اهم ڪيچ ڇڏي ڏنا، جنهن جي مدد سان نيوزيلينڊ جي بيٽر روز ٽيلر شاندار اننگز کيڏي ۽ پنهنجي ٽيم جي فتح جو بنياد رکيو.
شعيب اختر جو چوڻ هو ته اهو موقعو پاڪستان لاءِ ميچ جو رخ بدلائڻ وارو هو.
هن وڌيڪ چيو ته ”ڪامران اڪمل جي ڪيچ ڇڏڻ کانپوءِ يونس خان ۽ ڪامران مون کي ڏسي رهيا هئا، ٻيو ڪيچ ڊراپ ٿيڻ کانپوءِ مان ٻنهي ڏانهن ڏسي رهيو هئس.“
هن ٻڌايو ته جڏهن ٻيو ڪيچ ڊراپ ٿيو” مون چيو هاڻي مان ڪنهن ڏانهن ڏسان؟ پوءِ مون سوچيو ته مون کي نه ٿو لڳي ته مان ان کانپوءِ کيڏندس.“
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪپر ڪامران اڪمل 2011ع ۾ نيوزيلينڊ خلاف آءِ سي سي ورلڊ ڪپ دوران ٻه اهم ڪيچ ڊراپ ڪيا هئا، جنهن سبب پاڪستان کي 110 رنسن سان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
ڪامران اڪمل روز ٽيلر جو پهريون ڪيچ ان وقت ڊراپ ڪيو جڏهن ٽيلر ٻڙي تي ڪريز تي موجود هو، ۽ ان کان ٻه بال پوءِ هڪ ٻي ڀيرو وري ڪامران اڪمل سندس ڪيچ ڊراپ ڪيو، جنهن کانپوءِ ٽيلر پاڻ سنڀالي پاڪستان خلاف سينچري اسڪور ڪئي.
نيوزيلينڊ جي ڪامينٽيٽر سائمن ڊول ان پهرين ڪيچ کي ”کِل جوڳي ۽ معاف نه ڪرڻ جوڳو“ عمل قرار ڏنو هو، جڏهن ته ٽيلر ان ڏينهن پنهنجي 27 هين سالگرهه تي 124 بالن تي 131 رنسن جي يادگار اننگز کيڏي هئي، اِها ميچ شعيب اختر جي عالمي ڪرڪيٽ ڪيريئر جي آخري ميچ هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.