ورلڊ ڪپ سپر ايٽ مرحلو: انگلينڊ ميزبان سريلنڪا کي 51 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

پاليڪيلي (ويب ڊيسڪ) سپر ايٽ مرحلي جي ٻي ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم ميزبان سريلنڪا کي 51 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاليڪيلي ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو.
دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي انگلينڊ جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 146 رنسون ٺاهيون.
فل سالٽ 62 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ول جيڪس 21، ڪپتان هيري بروڪ 14، سيم ڪرن 11، جمي اوورٽن 10 رنسون ٺاهيون.
سريلنڪا طرفان ولالاگي 3، مڌوشنڪا ۽ ٿيڪشانا 2-2، جڏهن ته چميرا هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ سريلنڪن ٽيم 16.4 اوورن ۾ 95 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڪپتان شناڪا 30، ڪميندو مينڊس 13، ولالاگي ۽ ٿيڪشانا 10-10 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.
انگلينڊ طرفان ول جيڪس 3، ليام ڊاسن ۽ عادل رشيد ۽ جوفرا آرچر 2-2، جڏهن ته جمي اوورٽن هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپر ايٽ مرحلي جي پهرين ميچ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٿيڻي هئي پر برسات سبب ميچ ختم ڪئي وئي ۽ ٻنهي ٽيمن کي هڪ – هڪ پوائنٽ ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.