نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي جهاز ڪرڻ جو سلسلو ختم نه ٿيو، ڀارتي فضائيا جو هڪ ٻيو ويڙهاڪ جهاز تيجس معمول جي تربيتي اڏام دوران ڪري تباهه ٿي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب تربيتي مشق دوران تيجس جهاز ۾ اوچتو فني خرابي ٿي، جنهن سبب اهو فضا ۾ بي قابو ٿي ويو ۽ زمين تي ڪري پيو، جنهن کانپوءِ جهاز کي باهه لڳي وئي.
ڀارتي فضائيا جي اختيارين ٻڌايو ته حادثي ۾ پائلٽ محفوظ رهيو، واقعي جي جاچ لاءِ ڪورٽ آف انڪوائري قائم ڪئي وئي آهي.
You might also like