پ پ آئين خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو، سنڌو ديش جو خواب ڪڏهن پورو نه ٿيندو: خالد مقبول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ آئين جي خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، پ پ اهو ٺهراءُ ڪنهن خوف جي پاڇي ۾ منظور ڪيو آهي.
ڪراچي ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته هڪ صوبو اهڙا ڪم ڪندو آهي، ڄڻ اهو آئين کان مٿانهون هجي، هاڻ اسان هڪ اهم موڙ تي پهچي چڪا آهيون، هاڻ فيصلي جو وقت اچي ويو آهي.
هن چيو اهو ڪهڙو انصاف آهي ته 170 سيٽون کڻندڙ جيل ۾ ۽ 80 سيٽون کڻندڙ حڪومت ۾ آهي، هڪ هٿرادو اڪثريت رکندڙ جماعت سنڌ تي قبضو ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن به مسئلي جو حل ڳالهيون آهن ۽ ايم ڪيو ايم امن سان رهڻ جي خواهش رکندڙ جماعت آهي، انهن جي جماعت جي هوندي ”سنڌو ديش“ جو خواب ڪڏهن پورو نه ٿيندو.
خالد مقبول صديقي چيو ته سنڌ جي شهري علائقن سان ناانصافي ٿي رهي آهي، آئين جو آرٽيڪل 239 نون صوبن جي اجازت ڏئي ٿو، جڏهن ته آرٽيڪل 140 اي تحت مڪاني ادارن کي اختيار ڏيڻ لازمي آهي پر پ پ پنهنجي ئي ميئر کي بااختيار بڻائڻ لاءِ تيار ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.