ملڪ ۾ ساليانو 60 ارب رپين جي گئس چوري، نقصان واهپيدارن ڀريو!

اسلام آباد (بيورو) سوئي گئس عملدارن انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ساليانو لڳ ڀڳ 60 ارب رپين جي گئس چوري ٿئي ٿي، جنهن مان 30 ارب رپين جي چوري سوئي ناردرن ۽ 30 ارب رپين جي سوئي سدرن مان ٿئي ٿي، جڏهن ته اوگرا جي مقرر حد تائين نقصان جو بار صارفين تي منتقل ڪيو ويندو آهي، رپورٽن موجب سيد مصطفيٰ محمود جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي توانائي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گئس سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، سوئي گئس عملدارن ٻڌايو ته صرف سوئي ناردرن کي گئس چوري ۽ نقصان سبب ساليانو 30 ارب رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو، ايم اين اي گل اصغر خان چيو ته گئس چوري جو تقريبن 30 ارب رپين جو بار صارفين تي وڌو وڃي ٿو، صنعتي صارفين گئس چوري ڪن ٿا ۽ ان جو خرچ گهريلو صارفين کان وصول ڪيو وڃي ٿو، سوئي گئس عملدارن جو چوڻ هو ته اوگرا جي مقرر حد تائين ئي نقصان واهپيدارن تي وڌو ويندو آهي، جڏهن ته ترقي يافته ملڪن ۾ به گئس سيڪٽر ۾ يو ايف جي تقريبن 6 سيڪڙو تائين هوندي آهي، پر سوئي سدرن ۾ گئس چوري جو شرح 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي ۽ هتي به لڳ ڀڳ 30 ارب رپين جي سالياني چوري ۽ نقصان ٿئي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.